راجا جئدرٿ

راجا جئدرٿ

راجا جئدرٿ

راجا جئدرٿ: راجا جئدرٿ جي دؤر حڪومت ۾ سنڌ جو شان گھڻو ۽ مان اوج تي هو. سنڌ جون حدون اتر ۾ سليمان جبل، ڏکڻ ۾ سورت بندر، اولهه ۾ مڪران ۽ اوڀر ۾ ڪشمير تائين پکڙيل هيون. جئدرٿ سنڌو سلطنت جو حاڪم هو. سندس ذڪر هندن جي ڌرمي ڪتاب مهاڀارت ۾ ملي ٿو. جئدرٿ جي گاديءَ جو هنڌ سيوهڻ هو. جئدرٿ جو پيءُ ورڌڪ شترا، سنفل (Sinful) جو راجا هو. جئدرٿ، ڪورون جي ڀيڻ دهشلا سان پرڻيل هو. جئدرٿ بابت هڪ ڳالهه مشهور آهي ته جڏهن دروپديءَ جو سويمور ٿي رهيو هو ته هن دروپديءَ کي ڏٺو ۽ مٿس موهت ٿي پيو هو. هڪ ڀيري جڏهن پانڊو شڪار تي ويل هئا ته جئدرٿ موقعو ڏسي، دروپديءَ کي زوريءَ کڻي ويو. جڏهن پانڊون کي اهڙي خبر پئي، تڏهن لشڪر وٺي پيڇو ڪيائون ۽ اڌ رستي تي وڃي کيس رسيا، جتي ٻنهي ڌرين وچ ۾ سخت لڙائي لڳي. جئدرٿ شڪست کائي ڀڄي نڪتو، پر بعد ۾ پڪڙجي پيو. کيس ان شرط تي جيئدان ڏنو ويو ته هو ٻين جي سامهون پاڻ کي ذليل ڪري جيئدان گھري. جئدرٿ ڪورون ۽ پانڊون جي لڙائيءَ دوران ارجن هٿان مارجي ويو.


لفظ راجا جئدرٿھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو